اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم الصباح ٽي??يفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم الصباح ٽي??يفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ڳالهه ٻولهه دو??ان وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چونڊ جي موقعي تي ڪويتي قيادت پا??ان مبارڪباد واري پيغام جو ذڪر ڪندي ڪويتي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وجهندي پاڪستان، ڪويت ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ پاڪستان جي ??نه?? لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم نه رڳو پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو پر پاڪستان پا??ان گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيحون ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي جلد عم??در??مد جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي عوام جي سلامتي ۽ خوشحالي، مسلمان امت جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ خاص طور تي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. ڪويت جي وزيراعظم پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪويتي حڪومت پا??ان پاڪستان سان تعاون جي وڌيڪ فروغ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڪويت جي وزيراعظم پاران ٽيليفون، عيدالفطر جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن