اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين دوشنبي تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آف??س پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوشنبي ۾ صدر امام علي رحمان، مجلس نمائندگان جي چيئرمين محمد طائر زيور ذوڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ??ندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تاجڪستان جي دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي علائقائي رابطن، واپار، عوام سان عوام جي رابطن ۽ ت??انائي سان گڏوگڏ گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي موقعي تي ڌريون تعاون جي مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪنديون.
وزيراعظم 2 کان 3 جولاءِ تائين تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر