آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيو جنهن ۾ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دنيا جي ٽن اهم خطن جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پائيدار معاشي ترقي جي واڌويجهه جي لاءِ علائقا??ي ??عاون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان سان پنهنجي لاڳاپ?? کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزير??عظ?? ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاو?? کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو. ان کان اڳ ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽه ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿي چڪو آهي.
پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان سان معيشت، توانائي، سياحت، موسميات، ثقافت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٽه ڌريي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي يقين رکي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر