اسلام آباد -16 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ دهشتگر??ن جي بنون ڪينٽ تي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگر??ن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادرن کي سلام پيش ڪيون ٿا، شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي ۽ اسان سڀئي شهي??ن جي ڪٽنبن سان گڏ آهيون، شهي??ن جي عظيم قربانين کي س??ائ??ن ياد رکيو ويندو. گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دهشتگر??ن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي 8 جوانن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. هن شهي??ن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت پڻ ڪئي. محسن نقوي چ??و ته قوم جي بهادر جوانن پنهنجون حياتيون ڏئي دهشتگر??ن جي وڏي منصوبي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ سمورن 10 ئي دهشتگردن کي دوزخ حوالي ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن دهشتگردي جي سازش کي ناڪام بڻايو. گهرو وزير چ??و ته دشمن پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي گندي سازش ڪري رهيو آهي، اتحاد ۽ اتفاق جي طاقت سان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪنداسين. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحت يابي لاءِ دعا به ڪئي.
دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادرن کي سلام، شهيد پوري قوم جو فخر آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر