اسلام آباد-16 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبر سحر ڪامران چيو آهي ته پاڪستان ۽ ر??سي فيڊريشن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، ٻئي ملڪ واپاري، تو??نائي ۽ سفارتڪاري جهڙن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون جي موقعن کي فعال طور تي ڳولي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار، تو??نائي ۽ سفارتڪاري سميت سمورن رخن ۾ لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، روس تو??نائي جو هڪ وڏو ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آهي ۽ پاڪستان ان کان تيل ۽ گئس ??ي وسيلن مان فائدو کڻي سگهي ٿو، اهڙي طرح پاڪستان روس کي علائقائي رابطن ۽ واپاري راهداري فراهم ڪري سگهي ٿو. سحر ڪامران چيو ته گ??ري?? ٻن ڏهاڪن ۾ مسلسل اعليٰ سطحي رابطن ۾ پاڪ روس سفارتي لاڳاپن ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي. هن اسلام آباد ۾ روس جي سفير البرٽ خوريف طرفان يوم آزادي تي مبارڪن جي خط جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ته روس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ر??سي سفير پنهنجي خط ۾ چيو ته ماسڪو ۾ پاڪستاني جهنڊي جي رنگن کي ڏسي واقعي خوشي ٿي، هي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دوستي جي مضبوط رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو. روس جي سفير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته روس ۽ پاڪستان سالن کان دوست رهيا آهن ۽ مون کي يقين آهي ته اسان پنهنجي پهرين کان مضبوط ۽ نتيجا ڏيندڙ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچندي ڏسنداسين ۽ ٻنهي ملڪن کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، پاڪستان روس کي علائقائي رابطن ۽ واپاري راهداري فراهم ڪري سگهي ٿو: سحر ڪامران جي ”اي پي پي“ سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ