اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر س??ڪر??ٽري ج??ن باس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي س??ڪر??ٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين واپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين واري مڪينزم تي اڳڀرائي سميت ٻط??فن لاڳاپن جي سمورن رخن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي س??ڪر??ٽري پاڪستان پاران آمريڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ ٻط??فن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انڊر س??ڪر??ٽري ج??ن باس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه موقعو ڏيڻ تي پرڏيهي س??ڪر??ٽري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪا معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان سان حصيداري جو خواهشمند آهي. هن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر س??ڪر??ٽري ج??ن باس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي.
آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ وفد جي پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ