اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ تر??مانستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌائڻ جي ا??مي?? تي زور ڏنو آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن جي اسٽاڪ ايڪسچينجز جي وچ ۾ وڌ کان وڌ رابطن تي پڻ زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن تر??مانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين راشد مريدوف سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن پاڪستان ۾ تر??مانستان جي سفير عطا جان مولويوف سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان تر??مانستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي ا??مي?? ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن خ??ي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ استحڪام ۽ پاڪستان ۽ تر??مانستان جي عوام جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ان منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻي ??دد ملندي. راشد مريدوف اشڪ آباد ۾ مگتي مولي فارگي جي 300هين پيدائش جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ عالمي فورم ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهو تر??مان عوام جي احترام جو هڪ عظيم مثال آ??ي. ??ن تر??امنستان جي صدر سردار بردي محدوف ۽ تر??مانستان جي عوام جي قومي اڳواڻ ۽ تر??مانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين قربان بردي محدوف پاران صدر آصف علي زرداري کي خصوصي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. صدر اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت تي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين راشد مريدوف جا ٿورا مڃيا. صدر تر??مانستان جي حڪومت پاران اشڪ آباد جي دوري دوران سندس شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا