اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نو??يس جاري ڪندي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني طرفان غير قانوني فون ٽيپنگ خلاف داخل 28 سال پُراڻي درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ??سٽ?? امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. ??سٽ?? محمدعلي مظهر جي انٽيليجنس ايجنسين طرفان فون ٽيپ ڪرڻ بابت ملڪي قانون جي پُڇاڻي تي ا??ار??ي جنرل جواب ڏنو ته 2013 ع کان هڪ قانون موجود آهي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي فون ٽيپ ڪرڻ جي حوالي سان نو??يف??ءِ ڪيو ويو آهي. ا??ار??ي جنرل چيو ته فون ٽيپنگ جو قانون عدالتي نگراني تحت واضح طريقيڪار سان موجود آهي. ??سٽ?? محمدعلي مظهر سوال جاري رکندي ريمارڪس ڏنا ته قانون فون ٽيپنگ جي اجازت صرف انهي صورت ۾ ڏيندو آهي جڏهن ڪو حاضر سروس جج اجازت ??ي. ڇا ان حوالي سان ڪنهن جج کي به ڄاڻ ڏني وئي هئي؟ ??سٽ?? امين الدين خان مدخلت ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي تفصيلن ۾ دلچسپي ناهي نتيجن ۾ آهي. ا??ار??ي جنرل جج جي مقرريءَ جي حوالي سان اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو جنهن تي ??سٽ?? جمال خان مندوخيل چيو ته اهو معاملو ڪيترن ئي ٻين ڪيسن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو چيف ??سٽ?? جي چيمبر کان شروع ئي ٿو. ??سٽ?? محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته قانون بنا فرق جي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ (اي او آر) عدالت کي ٻُڌايو ته کيس درخواستگذار جو پتو لڳائڻ ۽ رابطو ڪرڻ ۾ ڏُکيائي درپيش آهي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل جو هڪ سال اڳ لاڏاڻو ٿي چڪو آهي. عدالت فون ٽيپنگ معاملي ۾ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نو??يس جاري ڪندي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ غير قانوني فون ٽيپنگ خلاف 28 سال پُراڻي درخواست ۾ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن