ڍاڪا – 08 جنوري (اي پي پي) بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ اپوزيشن پارٽي بي اين پي ۽ ان جي اتحادين جي بائيڪاٽ کانپوءِ شيخ ح??ينه جي حڪمران پارٽي عوامي لي?? ٻه ڀاڱي ٽي سيٽون حاصل ڪري ورتيون. ڀارتي اخبار سياست جي رپورٽ ??طابق تازن نتيجن ۾ عوامي لي?? جي سيٽن جو انگ 200 تائين پهچي چڪو آهي اهڙي طرح ان کي 300 رڪني پارليامنٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي. عام چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ۽ اڪثر هنڌن تي تشدد جا واقعا پڻ ڏسڻ ۾ آيا. بنگلاديشي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته اسان اڳ ۾ کان دستياب نتيجن سان عوامي لي?? کي ڪامياب قرار ڏئي سگهون ٿا پر حتمي اعلان ٻين تڪن جي ڳڻپ کانپوءِ ڪيو ويندو. عوامي لي?? جي سربراهه شيخ ح??ينه 1986 کانپوءِ اٺون ڀيرو گوپال گنج-3 تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي. شيخ ح??ينه وزيراعظم 2009 کان اقتدار ۾ آهي.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں