گڏي?? قومون – 02 آگسٽ (اي پي پي) گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس ڊجيٽلائيزيشن کي ڪ??هن به ملڪ جي تيز رفتار ترقي جو بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت گذريل پنجن کان ڇهن سالن دوران تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ سمارٽ فونز جي استعمال کي هٿي ڏئي 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان باهر ??ڍي?? آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (ايف اي او) جي اهتمام هيٺ موجوده ۽ ايندڙ نسل لاءِ بک جي خاتمي ڏا??هن تيز رفتار اڳڀرائي واري عنوان تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ڀارت جي ڳوٺاڻن علائقن جي ماڻهن جن کي پهرين بينڪنگ يا ادائيگي جي نظام تائين پهچ حاصل نه هئي، اهي هاڻي رڳو سمارٽ فون استعمال ڪري بلن جي ادائيگي جي قابل ٿي ويا آهن ۽ ان کان علاوه اهي آرڊرز جي لاءِ به ادائيگي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ڪ??هن به ملڪ جي تيز رفتار ترقي کي بنياد فراهم ڪري ٿي. ڀارت ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي جو عام شهرين کي سمارٽ فون بوم ۽ بينڪنگ خدمتن تائين آسان پهچ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي
ڀارت تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ سمارٽ فونز جي استعمال کي هٿي ڏئي 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں