گڏيل قومون-26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير بابت اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ سندن جائز جدوجھد جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي آزاد ڪشم??ر ۽گلگت بلتستان جي حوالي سان ڀارتي اڳواڻن جي غير ضروري دعوائن کي سختي سان رد ڪيو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ان ڳالھه تي زور ڀريو ويو آھي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لوڪ سڀا قانون ساز اسيمبلي جون چون??ون ڪشميري عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي متبادل طور تي ڪم نه ٿ??ون ڪري سگھن. بيان ۾ ان ڳالھه تي به زور ڀريو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اميدن مطابق ڪشميري تڪرار جي حتمي حل تي دارومدار رکي ٿو. اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، آذربائيجان ۽ نائيجر جي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ??براھيم طحه ڪئي. اهو اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين ??جلاس جي موقعي تي منعقد ٿيو آهي. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.رابطه گروپ ۾ پاڪستان جي اڳواڻي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف ڪئي. هن اجلاس ۾ شريڪ نمائندن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال بابت آگاهه ڪندي چيو ته ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙ??ون عروج تي آھن. گڏيل بيان ۾ 5 آگسٽ 2019ع يا ان کانپوءِ کنيل سمورن غير قانوني قدمن کي واپس وٺڻ، ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي مجموعي، منظم ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين کي روڪڻ، تڪراري علائقن ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين کي روڪڻ، گڏيل قومن جي خاص طريقيڪار، عالمي ميڊيا ۽ آزاد مبصرن کي خطي جو دورو ڪرائڻ لاءِ غير محدود رسائي جي اجازت ڏيڻ تي زور ڀريو ويو آھي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت پاران گذريل سال ڊسمبر ۾ ڄمون ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي اهو چئي رد ڪيو ويو ته ڄمون ڪشمير جي عالمي سطح تي تسل??م ٿيل تڪراري حثيت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ملڪي قانون سازي ۽ عدالتي فيصلن کي استعمال نٿو ڪري سگهجي. بيان ۾ حريت قيادت، ڪشمير جي سياسي اميدن تي آواز ۽ ھزارين ??ياسي ڪارڪنن ۽ اختلاف راءِ رکڻ وارن جي ڊگھي نظربندي، ڪيترين ڪشمير جي سياسي جماعتن تي پابندي ۽ ڪشمير جي ڪارڪنن جي ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ آبا??ي کي ڊڄارڻ ۽ ڌميڪون ڏيڻ جي جاري مھم جي مذمت ڪئي وئي.بيان ۾ زور ڀريو ويو ته ڀارت ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجي فوج پاران انساني حقن جون ڀڃڪڙ??ون بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ھاءِ ڪمشنر جي آفيس کي درخواست ڪئي وئي ته ھو ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ خراب ٿيل صورتحال جي نگراني جاري رکي. 2018ع ۽ 2019 ع جي پنهنجي رپورٽن کانسواءِ اتي جاري انساني حقن جي خلاف ورزين ??ي ٽئين ??پورٽ جاري ڪري.بيان ۾ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته اھي گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي ڪشميري عوام جي حالتن کي اجاگر ڪن.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون عوام جي خوداراديت واري حق جو متبادل ناھن: او آءِ سي رابطا گروپ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار