گڏيل قو??ون-28 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته غزه پٽي جي اتر ۾ جاري سخت اسرائيلي فوجي ڪارروائين دوران فلسطيني شھرين جي فوتگين جي صورتحال تي سخت صدمي جو اظھار ڪيو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان گذريل ڏينھن بيان ۾ چيو آھي ته غزه جي صحت واري وزارت مطابق گذريل ڪجھه ھفتن دوران غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائين دوران سوين فلسطيني شھيد ٿيا ?? 60 ??زار کان وڌيڪ ماڻھو ٻيھر لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھن ۽ اھو به خدشو آھي ته انھن م??ن ڪيترا ئي ماڻھو سندن گھر واپس نه وڃي سگھندا. بيان ۾ ھن چيو ته اتر غزه ۾ ڦاٿل فلسطيني شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي. گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته اتر غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي تباھي خاص طور تي جباليه، بيت لاھيه ۽ بيت الحنون ۾ ٿي آھي ۽ انھن جي آس پاس وارا علائقا فلسطيني آبادي جي رھائش جي قابل نه رھيا آھن. ھن چيو ته عالمي انساني قانونن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آھن. ھ?? ان ڳالھه تي زور ڀريو ته تڪرار وارين ڌرين کي شھرين ۽ انساني ھمدردي جي ڪارڪنن جو تحفظ ڪرڻ گھرجي. پر افسوس هتي انھن لاءِ روڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. گڏيل قو??ن جي سربراه غزه ۾ فوري جنگبندي، سمورن قيدين جي فوري آزادي ۽ عالمي قانون تحت ڏوھارين کي جوابده بڻائڻ لاءِ پنھنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو.
اتر غزه ۾ فلسطيني شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔