اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف قوم سان واعدو ??يو آهي ته هو آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندو، هو پنهنجو اهو ئي واعدو پورو ڪر?? جي لاءِ ڪوڙن ڪرپشن جي الزامن ۾ جن تي نه ته ڪو ريف??نس ٺهي سگهيو ۽ نه ئي ڪو ثبوت ملي سگهيو آهي تنهن هوندي به هو عدالت پيش ٿي رهيو آهي. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائڻ دوران جڏهن کانئس سوال ??يو ويو ته حاضري کان ڇوٽ جي باوجود اڳوڻو وزيراعظم عدالت ۾ ڇو پيش ٿي رهيو آهي ته هن چيو ??ه اڄ اهو ڏينهن به اچي ويو آهي ته توهان پڇي رهيا آهيو ته نواز شريف ڇو پيش ٿي رهيو آهي، ۽ هڪ طرف اهو ڏينهن به هو جڏهن چيو پئي ويو ته نواز شري?? ملڪ مان ڀڄي ويو آهي ۽ واپس پيش نه ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی