لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن م??ينن ۾ ڪرايون وينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پارٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کانپوءِ پنهنجي نظرياتي ڪ??رڪ??ن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ان م??قعي ت?? پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن غلطين مان سکنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ت?? عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن سياستدانن کي سبق سيکاريندي جي??ي غير ملڪي سازش جو حصو بڻيا آهن، هن چيو ته انهن غدارن م??ڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي ۽ اسان انهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر فورم تي وڙهنداسين، وزيراعظم اعلان ڪيو ته اڄ رات عشاءِ جي نماز کانپوءِ ايف نائن پارڪ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته سازش جو حصو بڻجندڙ عنصرن جي سياست ايندڙ اليڪشن ۾ ختم ٿي ويندي، ان م??قعي ت?? وزيراعظم عمران خان شفقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي به مبارڪباد ڏني.
ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil