ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، بلوچستا?? جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستا?? جي عوام جو آهي، صوبي ۾ پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، اسرار ترين، بلوچستا?? جو وقتي گورنر جان محمد جمالي، بلوچستا?? جو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر?? جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي واعدي موجب حڪومت ٺهڻ جي ٻن هفتن دوران ئي توها?? جي خدمت حاضر ٿيو آهيان، الله تعاليٰ بلوچستان کي بي حساب قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سکڻو آهي، بلوچستا?? جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستا?? جي عوام جو آهي، جڏهن پنجاب ۾ اسا?? جي حڪومت هئي ته اسان اين ايف سي ۾ بلوچستا?? جي لاءِ 11 ارب پنجاب جي حصي مان ڏنا. هن چيو ته هڪ ملڪ هڪ ڪٽنب وانگر هوندو آهي، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، تاريخ گواهه آهي، بلوچستا?? جي ماڻه?? جون ملڪ جي لاءِ عظيم قربانيون آهن. هن چيو ته بلوچستا?? جي پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، الله تعاليٰ اسان کي هي ملڪ محنت ڪرڻ جي لاءِ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستا?? جي ترقي جي لاءِ مون کي توهان سڀني جو تعاون به گهربل آهي، اسان سڀني کي گڏجي بلوچستا?? جي ترقي يقيني بڻائڻي آهي.
اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا