اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان برطانيه جي هٿياربند فوج جي وزير جيمز هيئپي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ يوڪي جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ تاريخي رابطا موجود آهن. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ انهانسڊ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ (اي ايس ڊي) سان گڏيل دلچسپي جي ??عب?? ۾ ٻطرفي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مدد ملندي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ??يو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان کي بهترين انداز ۾ ملهايو ويندو ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ نوان موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني المئي کان بچڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن چيو ته 4 ڪروڙ افغانن جي ڀلائي ۽ ترقي اهم ترجيح هجڻ گهرجي، يوڪرين جي معاملي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته جاري تڪرارن سان اسرندڙ ملڪ متاثر ٿيا آهن، هن ان معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو به ورجاءُ ڪيو، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن موجب ان مسئلي جو سفارتي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري، وزيراعظم والاريل ڪ??مي?? جي صورتحال واضح ڪندي ڀارت سميت خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ڄمون ۽ ڪ??مي?? تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪ??مي??ي عوام جي خواهشن موجب پرامن طو?? تي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، هن ڏکڻ ايشيا ۾ مستحڪم عسڪري توازن برقرار رکن جي اهميت تي به زور ڏنو، برطانوي وزير به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف ??عب?? ۾ انهن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، هن خاص طو?? تي 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي تناظر ۾ غير ملڪين جي نڪرڻ سميت برطانيه سان پاڪستان جي تعاون تي پنهنجي حڪومت طرفان ٿورو ادا ??يو.
وزيراعظم سان برطانيه جي هٿياربند فوج جي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ