اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پا??ستان ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پا??ستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ جاپان جي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه هلندڙ سال ملهائي پئي وڃي. ان مناسبت سان خصوصي تقريبون منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته اهو پا??ستان ۽ جاپان جي خصوصي لاڳاپن جو اظهار آهي. جاپان سان پا??ستان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺڻ وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي وزيراعظم واپار، ترقي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم پا??ستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ۽ ترقي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ جائيڪا (جي آءِ سي اي) جي جاري پروگرامن کي ساراهيو. پا??ستان ۾ ڪاروبار دوست موقعن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو ??ڻڻ جي لاءِ جاپان جي وڌيڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت جاپاني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. جاپان جي سفير واڊا جاپان جي پا??ستان سان ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جو ذڪر ڪندي گڏ??ل مقصد ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان مان جاپاني شهرين جي انخلا جي لاءِ پا??ستان پاران فراهم ڪيل سهولت کي پڻ ساراهيو. ويراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جاپان جي وزيراعظم کي جلد پا??ستان جي دوري جي دعوت ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف سان جاپان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ